SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Doomsday Machine

(click word to listen sound
  • 🔊
  • duːmzdei
  • məʃiːn
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Doomsday Machine

ڊومزڊي مشين

قيامت خيز مشين

هيءُ ويچار جنگي علمن جي ماهر ۽ مستقبل پسند دانشور هرمن ڪان (Hermann Kahn) پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “On Thermonuclear War“ ۾ 1960ع ڌاري ڏنو هو. ڪنهن به ائٽمي طاقت (خاص طور سوويت يونين) جي حملن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هُن ٽه- نُڪاتي روڪ (Deterrence) جو نظريو ڏنو. انهن مان پهرئين نُڪتي موجب سوويت يونين کي مثالي جواب ڏيڻ لاءِ سندس سرزمين تي سڌي ائٽمي حملي ذريعي حساب ڪتاب برابر ڪرڻو هُو. ان حڪمت عمليءَ تحت، آمريڪا ۾ لڳايل حساس اوزارن طرفان آمريڪي سرزمين تي ٿيل ائٽمي حملي جو اطلاع ملڻ شرط، آمريڪا جا نيوڪليائي هٿيار خودبخود وڃي سوويت يونين مٿان ڪڙڪن ها ۽ موجود انساني زندگيءَ سميت سموري حياتياتي سرشتي کي ناس ڪري ڇڏين ها. ”ڪاهان“ موجب، ان طرح جي ”مڪمل تباهيءَ ٿيڻ“ جي اڳواٽ آگاهي هُجڻ ڪري، ڪو به فيصلو ڪندڙ معقول شخص، ڪڏهن به مُخالف مُلڪ تي ائٽمي حملي جو تصور نه ڪري سگهندو. ان ”تباهه ڪن جوابي ائٽمي حملي جي شڪتيءَ“ کي ”قيامت آڻيندڙ مشين“ جي تصور سان سُڃاتو وڃي ٿو


Remember Me Also:

هٿ کڻڻ

هَٿُ کَڻَڻُ

لاڳاپو ٽوڙڻ، واسطو ختم ڪرڻ، دستبردار ٿيڻ، ترڪ ڪرڻ، قطع تعلقات ڪرڻ، ناتو ٽوڙڻ، رستو ڇڏي ڏيڻ، ڪجهه تعلق نه رکڻ، پچر ڇڏڻ. مايوس ٿيڻ، نراس ٿيڻ، نااميد ٿيڻ. اشارو ڪرڻ، دعا گهرڻ، فاتح پڙهڻ، پِٽڻ، بددعا ڪرڻ، پاراتو ڏيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal